ميرواهه گورچاڻي ۾ هندو ناري اسلام قبول ڪري نوجوان سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

 


ميرواهه گورچاڻي ( ن پ ا) ڀيمون ميگھواڙ ڪالوني جي هنڌو ناري عائشه ولد ڪرشن ميگھواڙ اسلام قبول ڪري پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. چار ڏينهن اڳ ڪنواري ناري گهران نڪري شهر جي مدرسي گلزار خليل سامارو ۾ اسلام قبول ڪيو. نوجوان ناري اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ عثمان گورچاڻي جي رهواسي نوجوان ابراهيم گورچاڻي سان پيار جو پرڻو ڪيو. ناري شهر لڳ ٻني ۾ گاهه پٺو ڪندي سان پيار جا پيچ اڙائڻ بعد اسلام قبول ڪري نوجوان سان شادي ڪئي. نوجوان ناري جو اصل نالو عائشه هو اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سندس نالو مريم شيخ رکيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *